 | Forum - هندستان مستقبل ۾ پاڻي کوٽ ۽ بجلي بحران کان |
هندستان مستقبل ۾ پاڻي کوٽ ۽ بجلي بحران کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪينالن کي پڪو ڪري انهن مٿان سولر سسٽم لڳائي هڪ ئي ڌڪ ۾ ٻہ ڪم ڪري رهيو آهي، هڪ پاڻي کي ٻاڦ ٿي اڏامڻ کان روڪي پيو ته ٻئي پاسي قيمتي زمين والارڻ بدران انهن ڪينالن ۽ شاخن تي سولر پينل هڻي سستي بجلي هڻي زراعت ۽ صنعت جي گهرج پوري ڪري رهيو آهي، اسان وٽ حڪمران ۽ ڪامورا ڪهڙي ڪم سان لڳل آهن انهن جو جائزو وٺو، جتي ڪوڙيون، مڪار ۽ ٺوڳي سياسي پارٽيون ۽ قيادتون هونديون آهن اتي معاشي ۽ افرادي قوت ۾ ترقي نه ٿيندي آهي، ماڻهو اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ پريشان هوندا آهن، سنڌ ۾ جاهل ماڻهن جي هٿن ۾ سياست ۽ حڪمراني آهي ۽ صوبي جا انتظامي ڪاروهنوار وري ڪرپٽ، بي ايمان ڪامورن حوالي هوندو ته تباهي ته هرطرف نظر ايندي ۽ اچي به رهي آهي.
عوام کي خبردار ٿي سٺا، مخلص ۽ عوام دوست نمائندا چونڊڻ گهرجن.

FB_IMG_1651988285809
Share (0)
👪 Comments:
No comments in the topic
PGen: 0.022 sec